ڪشميرين جي موقف جو دفاع پاڪستان جي دفاع کي مضبوط ڪرڻ جي برابر آهي: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعطم جي سڌسماءِ جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته شهيدن جي خاندانن جا جذبا ڏسڻ وٽان آهن اسان کي انهن تي فخر آهي جيستائين وطن لاءِ هي جذبا قائم آهن اسان جو ڪو به وار ونگو نٿو ڪري سگهي جمعي تي عاشق اعواڻ ليفٽيننٽ ارسلان عالم شهيد جي گهر پهتي ۽ شهيدن جي بلند درجن لاءِ دعا گهري ان موقعي تي ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اسان جي جوانن امن لاءِ قربانيون ڏنيون هن چيو ته اڄ شهيدن ۽ غازين کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي پاڪستان ان وقت تائين مضبوط نٿو ٿي سگهي جيستائين ڪشمير آزاد نٿو ٿئي هن چيو ته ڪشميري هڪ مهيني کان وڌيڪ عرصي کان ڀارت جا قيدي بڻيل آهن هن چيو ته وزيراعظم ۽ پاڪستاني فوج دنيا کي پيغام ڏيئي رهيا آهن ته ڪسمير جي مسئلي جي حل سان ئي خطي ۾ امن ٿيندو هن چيو ته جيستائين ظلم جي ڪاري رات ختم نه ٿيندي پاڪستان جي حڪومت عوام ۽ فوج ڪشميرين سان گڏ آهي. فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته دنيا لاءِ پيغام آهي ته ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي امنگن مطابق حل ڪرڻ بنا ڏکڻ ايشيا ۾ جٽادار امن جو خواب پورو نٿو ٿي سگهي هڪ بيان ۾ خاص مددگار چيو ته يوم دفاع غيرتمند ۽ بهادر ڪشميرين سان ٻڌي جي اظهار طور ملهائينداسين هن چيو ته دنيا لاءِ به پيغام آهي ته ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي امنگن مطابق حل ڪرڻ بنا ڏکڻ ايشيا ۾ جٽادار امن جو خواب پورو نٿو ٿي سگهي. ڪشميرين جي موقف جو دفاع پاڪستان جي دفاع کي مضبوط ڪرڻ جي برابر آهي هن چيو ته هي ڏينهن اسان کي سيپٽمبر واري جنگ جي انهن ڏينهن جي ياد ڏياري ٿو ته جڏهن پاڪستان جي فوج ۽ پوري قوم ڀارتي ظلم خلاف پنهنجي آزادي ۽ قومي وقار جو دفاع ڪيو هن چيو ته هن ڏينهن تي اسان جي بهادر فوج دشمن جا ناپاڪ ارادا مٽي ۾ ملائي ڇڏيا هئا هن چيو ته اسان پنهنجن غازين ۽ شهين کي خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا جن جرئت ۽ بهادري جي بيمثال تاريخ لکي هن چيو ته شهيدن ۽ غازين جو ڏينهن آهي جن جي رت سان پنهنجي وطن ۾ آزادي، سلامتي ۽ اعتماد جو سج اڀري ٿو. هن چيو ته اسان جا شهيد قوم جو فخر آهن جن پاڻ کان وڏي دشمن کي ماري مڃائي ڀڄائي ڇڏيو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *