بارشن دوران نقصانن جا تفصيل طلب، ترجيحي بنيادن تي پاڻي ۽ صفائي جي مسئلي کي حل ڪيو ويندو: مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هو شهر جي پاڻي ۽ صفائي سٿرائي جي مسئلن کي حل ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ان لاءِ ڪجهه اهم جوڳا اُپاءُ وٺندو. اجلاس ۾ پبل هيلٿ انجنيئرنگ وارو وزير شبير بجاراڻي، مڪاني کاتن وارو وزير سيد ناصر حسين شاهه، وڏي وزير جو صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، چيئرپرسن پي اينڊ ڊي ناهيد شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جماو ابڙو، سيڪريٽري پي ايڇ اي روشن شيخ، ڪمشنر ڪراچي افتخار شهلواڻي، اين اي ڊي جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر سروش لوڌي، ايم ڊي واٽر بورڊ اسدالله خان، چيف انجنيئر ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. وڏو وزير ڪراچي کي واڌو پاڻي ڏيڻ لاءِ واٽر بورڊ، پي اينڊ ڊي ۽ ٻين ماهرن سان ڪم ڪري رهيو آهي ۽ گجو کان پيپري نهر جي تعمير جي تجويز کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ ڪوشان آهي ته جيئن ڪراچي شهر کي ايندڙ ٻن سالن ۾ واڌو 200 ايم جي ڊي پاڻي ملي سگهي. وڏي وزير واٽر بورڊ کي هدايت ڪئي ته هو نهر جي تعمير لاءِ حتمي ٽيڪنيڪل رهنمائي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ڪنسلٽنٽ هائر ڪري ۽ ان وقت تائين هن واٽر بورڊ کي هدايت ڪئي ته هو شهر خاص طور اهي علائقا جتي پاڻي نه پيو پهچي اتي پنهنجي پاڻي جي ورڇ واري نظام کي بهتر بڻائين. وڏي وزير گائيڊ لائينس ڏيندي واٽر بورڊ کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي نيٽ ورڪ، کيس ڪنڊين ۽ توسيع واري ڪم کي ڏسي ته جيئن ئي واڌو 200 ايم جي ڊي پاڻي ملڻ شروع ٿئي ته شهر جي ماڻهن کي پاڻي ملي سگهي. اهو واضح رهي ته ڪراچي لاءِ مختص 650 ايم جي ڊي پاڻي مان 406 ايم جي ڊي پاني ملي رهيو آهي ان ڪري موجوده نظام کي توسيع ڏيڻ لاءِ منصوبابندي ڪئي پئي وڃي ته جيئن ڪنوينس سسٽم کي بهتر يا ترقي ڏئي رهيل 200 ايم جي ڊي پاڻي وصول ٿي سگهي.وڏي وزير ڪمشنر ڪراچي کي هدايت ڪئي ته هو تازو تيز برساتن سان روڊن کي پهچندڙ نقصانن جو احاطو ڪري ته جيئن کين مرمت لاءِ ضروري رٿابندي ڪئي وڃي. هن چيو ته هو روڊن سان گڏ جتي نه آهن اتي نالين جي تعمير جي رٿابندي ڪري رهيا آهيون.وڏي وزير چيو ته هن اڳواٽ ئي لوڪل باڊيز ۽ ضلعي انتظاميا کي هدايت ڏئي چڪو آهيان ته اهي محرم الحرام ۾ شهر ۾ ڪچرو کڻڻ ۽ صفائي واري ڪم کي جاري رکن. هن چيو ته 10 محرم کانپوءِ شهر کي صاف سٿرو بڻائڻ ۽ ڪچرو کڻڻ لاءِ هڪ خاص مهم شروع ڪئي ويندي. هن شهر جي واسين ۽ دڪاندارن تي به زور ڀريو ته هو سوڪ ايجنسيز سان تعاون ڪن ۽ پنهنجو ڪچرو ڪاغذن جي ٿيلهن ۾ وجهي ڄاڻايل جاين تي اڇلائين. هن چيو ته اها ڳالهه قابل جوڳي نه آهي هر ڪو کليل جاين ۽ رودن تي ڪچرو اڇلائي. وڏي وزير ڪمشنر ڪراچي کي هدايت ڪئي ته هو ڊي سي سائوٿ ذريعي انڪوائري ڪري ته ڪهڙي ريت اسپتال جو فضلو سڌي ريت سمنڊ ۾ ڊسچارج ڪيو پيو وڃي هن چيو ته اسپتالن جو فضلو الڳ سان ڊمپ ڪيو ويندو آهي پر سُين ۽ ٻيو سامان ڪلفٽن جي ساحل تي سمنڊ جي لهرن سان وهايو ويندو آهي جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. هن ڪمشنر ڪراچي کي هدايت ڪئي ته ڄاڻايل معاملي جي جانچ ڪرائي کيس رپورٽ پيش ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *