اتر وزيرستان جي علائقي شوال ۾ فورسز جي بمباري، 9 دهشتگرد مارجي ويا

اُتر وزيرستان (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اتر وزيرستان جي علائقي شوال ۾ فورسز جي بمباري جي نتيجي ۾9 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ڪيترن ئي ٺڪاڻن کي تباهه ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب، اتر وزيرستان جي علائقي شوال ۾ فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي جيٽ جهازن ذريعي بمباري ڪئي.فورسز جي ڪارروائي دوران پابندي مڙهيل تنظيم سان واسطو رکندڙ 9 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته سندن ڪيترن ئي ٺڪاڻن کي تباهه ڪيو ويو آهي.واضح رهي ته اتر وزيرستان جي مختلف علائقن ۾ فورسز جو ڊگهي عرصي کان آپريشن جاري آهي، جنهن دوران ڪيترائي دهشتگرد پڻ مارجي چڪا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *