ڪراچيءَ ۾ به ميٽروبس سروس جو اعلان

 

وزير اعظم نواز شريف اسلام آباد کان راولپنڊي ميٽرو بس سروس جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي، سندس چوڻ آهي ته ٽن سالن ۾ ملڪ مان لوڊشيڊنگ ختم ڪري ڇڏينداسين، جڏهن ته وفاقي حڪومت ڪراچي ۾ به ميٽرو بس سروس هلائيندي، گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ ميٽرو بس سروس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم نواز شريف چيو ته آمريتي دور ۾ هميشه جنگون ٿينديون آهن، جمهوري دور ۾ ڪڏهن به جنگ ناهي ٿي.سمورا ادارا جمهوريت جو احترام ڪن. هن چيو ته جمهوري دور ۾ ملڪ ترقي ڪندو آهي. پاڪستان ۾ ترقياتي ڪم جمهوري دور ۾ ٿيندا آهن، وزير اعظم ٽن سالن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته مستقبل ۾ بجلي سستي پڻ ٿيندي. هن چيو ته ساڍا ٽي رپيا في يونٽ بجلي سستي ڪئي آهي، هن وقت تائين ساڍا پنج رپيا في يونٽ بجلي سستي ڪري چڪا آهيون. هن چيو ته بجلي جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ نوان منصوبا جوڙي رهيا آهيون. الله تعاليٰ ملڪ کي بُري نظر کان بچائي. وزير اعظم چيو ته خنجراب کان وٺي گوادر تائين موٽر وي ٺاهينداسيڪراچي ۾ به وفاقي حڪومت ئي ميٽرو بس سروس هلائيندي. هن چيو ته ڪراچي ۾ امن ٿي رهيو آهي اتي روشنيون بحال ٿي رهيون آهن. ڀنگ لاءِ اغوا ۽ ڀتا خوري مڪمل طور ختم ٿي چڪي آهي.هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ کٽينداسين. هي بدلجندڙ پاڪستان ۽ نئين صبح جو ڪِرڻو آهي. هن چيو ته شهباز شريف نئون پنجاب ٺاهي رهيو آهي نوان شعر به ٻڌائيندو. وزير اعظم نواز شريف شهباز شريف کي چيو ته هاڻي توهان نوان شعر پڙهندا ڪريو، هاڻي نئون دور اچي ويو آهي. هن چيو ته جيترو پيٽرول هن حڪومت ۾ سستو ٿيو آهي اوترو اڳ ڪڏهن نه ٿيو. ان موقعي تي وزير اعظم ميٽرو بس منصوبي جي ٽيم لاءِ پنج ڪروڙ رپيا انعام ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو. هوڏانهن وزيراعظم نواز شريف خيبرپختونخواهه ۾ مڪاني چونڊن دوران 18 ڄڻن جي مارجڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته عام چونڊن کان وڌيڪ خيبرپختونخواهه ۾ مڪاني چونڊن دوران بدنظمي ٿي، ڇا انساني جانين سان کيڏڻ نئون پاڪستان آهي.

ماتلي لڳ انسانيت لڄائيندڙ واقعو

ماتلي لڳ ڳوٺ شفيع محمد نظاماڻي ۾ گذريل ڏينهن انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو پيش آيو، وحشي جوابدارن 35   ورهين جي عورت ملوڪان سامي سان جنسي ڏاڍائي ڪرڻ کانپوءِ ڳلو وڍي بيدردي سان قتل ڪري لاش واهه ۾ لوڙهي ڇڏيو.وارثن کي  ڳولا ڪرڻ تي عورت جو ڪپڙن کان آجو لاش واهه مان مليو،جنهن کانپوءِ پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، ايڌي رضاڪارن لاش کي اسپتال پهچايو، پوليس مارٽم رپورٽ ۾ عورت سان ڏاڍائي جي تصديق ڪئي وئي آهي،مقتولا جو مڙس نبو سامي گم ٿي ويو آهي، مقتولا عورت جي ڀاءُ پالاري سامي جي فرياد تي اڻ ڄاتل ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. رابطو ڪرڻ تي مقتولا عورت جي امڙ صحافين کي ٻڌايو ته ملوڪان اربع ڏينهن گهر جو سامان وٺڻ وئي هئي، جيڪا واپس نه موٽِي ۽ گذريل ڏينهن ڳولاتي واهه مان لاش مليو، هن چيو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي،هن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي ، ٻئي پاسي پوليس کي لاش وٽان ڳلي وڍڻ لاءِ استعمال ڪيل  ڇري به هٿ آئي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *