علي امين گنڊاپور سان زيادتي ڪئي وئي آهي، اهو ڌانڌلي روڪرائڻ ويو هو: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته علي امين گنڊاپور سان زيادتي ڪئي وئي آهي، اهو ڌانڌلي روڪرائڻ ويو هو، ميان افتخار تسليم ڪيو آهي ته پوليس ساڻس ڪا به زيادتي ناهي ڪئي، نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ عوام کي نظر انداز ڪيو ويو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته جسٽس ريٽائرڊ وجيهه الدين پارٽي ٽربيونل کي سپريم ڪورٽ سمجهي هلائي رهيو آهي. هن چيو ته جسٽس ريٽائرڊ وجيهه الدين جيڪو ڪجهه چيو،  اهو ڪريبه ڏيکاريو، ٽربيونل کي سپريم ڪورٽ سمجهي هلايو پيو وڃي. سندس چوڻ هو  ته علي امين گنڊاپور کي ڌانڌلين خلاف آواز اٿارڻ تي کيس گرفتار ڪري مٿس بدنامي جو داغ لڳايو ويو، جڏهن ته ميان افتخار تسليم ڪيو ته پوليس ساڻس زيادتي ناهي ڪئي. عمران خان چيو ته بيت المال جو پئسو گلگت اليڪشن تي استعمال پيو ٿئي، وفاق رڳو پنجاب کي پاڪستان سمجهي شهباز شريف تي مهرباني ڪري رهيو آهي. پي ٽي آءِ سربراهه پنجاب جي اڳوڻي نگران وڏي وزير  تي تنقيد ڪندي چيو ته نجم سيٺي ڀاڻيجي ذريعي ڏيڍ ڪروڙ ٽيڪس معاف ڪرايو. عمران خان چيو ته پنجاب حڪومت جي پٺڀرائي سبب طاهر القادري جي ڪارڪنن کي قتل ڪندڙن کي ڇڏيو ويو، جڏهن ته طاهر القادري سان زيادتي ٿي آهي. عمران خان وڌيڪ چيو ته ماڊل ٽائون ۾ پرامن مظاهرين کي گولين جو کاڄ بڻايو ويو، پر اڃا تائين متاثر کي انصاف نه ملي سگهيو آهي. عمران خان ڪي پي ڪي ۾ مڪاني چونڊن دوران بدنظمين جي تصديق ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن سموريون ڌريون ڌانڌلين جون دانهون ڪري رهيون آهن ته پوءِ ٿيون هونديون. هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ مڪاني چونڊن ۾ انتظامن جي ذميواري اليڪشن ڪميشن جي هئي، حڪومت تي الزامبازي بند ڪئي وڃي. عمران خان نئين مالي سال جي بجيٽ جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته بجيٽ ۾ عوام کي رليف ملڻ جي ڪا اميد ناهي، اميرن کي نوازڻ لاءِ رٿابندي ڪئي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *