آمر مشرف جي حڪومت عدالتي حڪم باوجود ڪارساز سانحي جي ايف آءِ آر داخل نه ڪئي: پيپلز پارٽي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ پاران 18 آڪٽومبر 2007 تي ٿيل ڪارساز سانحي جي شهيدن جي 8 ورسي عقيدت ۽ احترام سان ڪراچي سميت سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ ملهائي وئي. اهم تقريب پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن پاران واقعي واري هنڌ شهيدن جي يادگار ڪارساز سانحي ڪراچي وٽ ڪوٺائي وئي جتي بلاول ڀٽو زرداري، بختاور ڀٽو زرداري، آصفه ڀٽو زرداري ۽ سيد قائم علي شاهه گڏ شرڪت ڪري شهيدن جي يادگار کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ گل رکيا ۽ فاتحه خواني ڪئي. آصف علي زرداري پاران پ پ ڪراچي ڊويزن جي اڳواڻن يادگار تي گل چاڙهيا ان کان اڳ اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني، نثار احمد کهڙو، شرميلا فاروقي، شهلا رضا، وقار مهدي، راشد حسين رباني، محمد صديق ابو ڀائي، نجمي عالم، سعيد چاوله، راجا رزاق، قاسم بلوچ سميت ٻين پارٽي اڳواڻن ۽ جيالن پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ شهيدن جي يادگار تي گل رکي کين زبردست خراجِ عقيدت پيش ڪيو. ان کانپوءِ پ پ ڪراچي ڊويزن پاران ڪارساز شهيدن جي ايصال ثواب لاءِ قرآن خواني ڪئي وئي.   تعليم ۽ اطلاعات واري سينيئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙو 18 آڪٽوبر سانحه جي شهيدن جي يادگار تي آچر ڏينهن حاضري ڀري ۽ شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آمر مشرف جي حڪومت عدالت جي حڪم باوجود ڪارساز سانحه جي ايف آءِ آر داخل نه ڪئي وئي. هن چيو ته پير پاڳاري شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي حوالي سان ڳالهايو پر ان وقت ذوالفقار مرزا خاموش رهيو  ۽ نبيل گبول ڪڏهن پارٽي ۾ اچي ٿو ته ڪڏهن وڃي ٿو . صوبائي وزير چيو ته ڪيتريون ئي پارٽيون پي پي جي خلاف آهن پر پي پي پي انهن سان مقابلو ڪرڻ ڄاڻي ٿي. هن چيو ته ماضي ۾ به پيپلز پارٽي جي خلاف اتحاد ٺهندا رهيا آهن پر انهن سان ڪو به فرق نٿو پوي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *