پارٽي کي ڪمزور ۽ مخالفن کي مضبوط ڪندڙن کي نه ڇڏيو ويندو: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نوازشريف مسلم ليگ (ن) جا اندروني اختلاف ختم ڪرڻ لاءِ جو ٽاسڪ شهباز شريف کي ڏئي ڇڏيو آهي.وزيراعظم هڪٻئي خلاف بيان بازي ڪندڙ وزيرن ۽ اڳواڻن کي خبردار ڪيو آهي ته جنهن کي شڪايت آهي پارٽي جي قيادت سان ڳالهائي، ٻين کي تنقيد جو موقعو ڏيندڙن سان ڪابه رعايت نه ڪئي ويندي. وزيرن جي جهيڙن ۽ کلي عام هڪ ٻئي خلاف بيان بازي، مڪاني چونڊن ۾ فيصل آباد ۾ پارٽي جي اندروني دشمنين ۽ پوءِ سنڌ ۾ به ٽڪيٽن جي ورهاست تي هلڙبازي ۽ پارٽي جي اندروني اختلاف نوازشريف لاءِ مٿي جو سور بڻجي ويا آهن. رائي ونڊ ۾ وفاقي ۽ صوبائي وزيرن ۽ سينيئر اڳواڻن جي مشوارت اجلاس ۾ وزيراعطم سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اختلاف ٻاهر آڻيندڙن کي وارننگ ڏني آهي آهي ته جيڪڏهن پارٽي کي ڪمزور ۽ مخالفن کي مضبوط ڪندرن کي نه ڇڏيو ويندو،جيڪڏهن ڪنهن کي شڪايت آهي ته اُهو پارٽي قيادت سان رابطو ڪري. ذريعن موجب وزيراعظم نوازشريف وزيرن ۽ پارٽي جي سينيئر اڳواڻن وچ ۾ اختلافن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ان سان مخالفن کي تنقيد جو موقعو ملندو ۽ پارٽي ڪمزور ٿيندي. هن اختلاف ختم ڪرڻ جي ذميواري پنجاب جي وڏي وزير ميان نوازشريف کي ڏئي ڇڏي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *