ڌوني ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ دنيا جو 18هون بيٽسمين بڻجي ويو

راجڪوٽ(اسپورٽس نيوز) ڀارتي ٽيم جو ڪپتان ۽ نالي وارو وڪيٽ ڪيپر ۽ بيٽسمين مهندرا سنگهه ڌوني ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ شيو نارائڻ چندرپال جو سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهڻ جو رڪارڊ ٽوڙيندي ون ڊي ميچ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ دنيا جو 18هون بيٽسمين بڻجي ويو آهي. هن اهو اعزاز پروٽيز خلاف سيريز جي ٽئين ون ڊي ۾ حاصل ڪيو. ميچ کان اڳ اهو اعزاز حاصل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 36 رنسون گهربل هيون. واضح رهي ته ون ڊي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ وڌيڪ رنسون ٺاهڻ جو عالمي رڪارڊ سچن ٽنڊولڪر وٽ آهي، هن 18426 رنسون ٺاهيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *