آصف علي زرداري جي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات، ملڪي صورتحال تي ڳالھيون، اڄ شھباز شريف سان بھ ملاقات جو امڪان

اسلام آباد(م.ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري اسلام آباد ۾ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي گهر پهتو. پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان آصف علي زرداري جي ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن بي اعتمادي ۽ حڪومت مخالف تحريڪ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. واضح رهي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ شهباز شريف وچ ۾ سڀاڻي ملاقات جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف علي زرداري سڀاڻي بلاول هائوس ۾ ملاقات کانپوءِ سياسي اڳواڻن کي ڊنر پڻ ڏيندو. ملاقات ۾ سياسي صورتحال، بي اعتمادي جي رٿ تي پيش رفت ۽ ٻئي اڳواڻ حڪومت مخالف حڪمت عملي کي حتمي شڪل ڏيندا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *