لانگ مارچ عوام کي موجوده نااهل نالائق ۽ سليڪٽڊ حڪمرانن کان جند ڇڏائڻ جو سبب بڻجندو: سعيد غني

ڪراچي (اين اين آءِ) پيپلزپارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر ۽ صوبائي وزير سعيد غني چيو اهي ته 27 فيبروري تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳاوڻي ۾ قائد جي مزار کان نڪرندڙ عوامي لانگ مارچ هن ملڪ جي 22 ڪروڙ عوام کي موجوده نااهل نالائق ۽ سليڪٽڊ حڪمرانن کان جند ڇڏائڻ جو سبب بڻجندو 25 فيبروري تي ڪراچي ڊويزن تحت عظيم الشان ريلي ڪڍي ويندي جيڪا بلاول هائوس کان شروع ٿيندي ۽ ٽاور کان ٿيندي قائداعظم جي مزار وٽ ختم ٿيندي اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن وقار مهدي ۽ ان جي صدارت هيٺ ٿيل اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو اجلاس ۾ پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر ۽ سينيٽر ۽ ڪراچي جي سمورن ضلعن سان صدر جنرل سيڪريٽريز پيپلز ڊاڪٽرز فورم، پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن، پيپلز يوٿ، پيپلز ليبر بيورو، پيپلز لائرز فورم پيپلز ليڊيز ونگ سميت سمورن ذيلي تنظيمن جا صدر شامل هئااجلاس ۾ 27 فيبروري تي ڪراچي کان اسلام آباد گهٽ ۾ گهٽ 1600 ڪلوميٽر جي نڪرندڙ عوامي لانگ مارچ جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئيوئي ان موقعي تي اجلاس ۾ شامل قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن ۽ سينيٽرز ان حوالي سان پنهنجي راءِ ۽ تجويزون پيش ڪيون سعيد غني چيو ته هي مارچ تاريخي مارچ هوندو جيڪو ڪراچي کان 27 فيبروري تي صبح 10 وڳي شروع ٿيندو ۽ 1600 ڪلوميٽر جو ڊگهو سفر طئي ڪري اسلام آباد پهچندو سعيد غني چيو ته 25 فيبروري تي ڪراچي ڊويزن هن لانگ مارچ جي حوالي سان ڪراچي ۾ هڪ عظيم الشان ريلي ڪڍندي جيڪا بلاول هائوس کان قائد جي مزار تائين هوندي ريلي منجهند 3 وڳي بلاول هائوس مان رواني ٿيندي ريلي بلاول هائوس کان مائي ڪراچي کان ٿيندي ٽاور ۽ اتان ٿيندي قائد جي مزار وٽ پهچندي اجلاس کي خطاب ڪندي وقار مهدي چيو ته 27 فيبروري جو عوامي لانگ مارچ هنملڪ ۾ هڪ تاريخي تبديلي عوام لاءِ آڻيندو هن چيو ته ڪراچي جا سمورا ضلعا پنهنجي پنهنجي سٽي ايرياز کي ان ڳالهه جو پابند ڪري ڇڏين ته اهي 27 فيبروري تي صبح 10 وڳي کان اڳ قائد جي مزار وٽ پهچن. وقار مهدي چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ هيعوامي سمنڊ جڏهن ڪراچي کان شروع ٿي سنڌ جي مختلف شهرن کان ٿيندو جڏهن پنجاب ۾ داخل ٿيندو ته اهو ڏينهن نااهل ۽ سليڪٽڊ حڪمرانن جو آخري ڏينهن ثابت ٿيندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *