پئسو چوري ڪري ٻاهر موڪلڻ پاڪستان جهڙن ملڪن جو اهم مسئلو آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پئسو چوري ڪري ٻاهر موڪلڻ پاڪستان جهڙن ملڪن جو اهم مسئلو آهي. ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته پاناما، پينڊورا ۽ هاڻ سوئس اڪائونٽس جي ڪهاڻي، ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ پاڪستان جهڙن ملڪن جو اهم مسئلو آهي. هن چيو وزيراعظم عمران خان ان مسئلي تي مسلسل آواز اٿاري رهيو آهي ته امير ملڪ غريب ملڪن جو استحصال روڪين، سڀ مني لانڊرر هاڻ اتحاد ٺاهي رهيا آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *