آصف زرداري ۽ نواز شريف قوم کي قرضي ڪيو، شهباز شريف کي موت جي ڳڻتي آهي: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان بنا نالي پراپرٽي جي سڃاڻپ ڪرڻ تي انعام جي رقم 3 سيڪڙو مان وڌائي 10 سيڪڙو جو اعلان ڪندي چيو آهي ته شهباز شريف چوي ٿو ته ايتري سزا ڏيجو جيتري سڀاڻي برداشت ڪري سگهو، مان ته موت کان به نٿو ڊڄان، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غربت گهٽائڻ جو پروگرام آڻي رهيا آهيون ان ۾ هر هڪ وزارت جو ڪو نه ڪو ڪردار هوندو، ڪمزور طبقي کي مٿي اچڻ جو موقعو ڏنو ويندو، 60 سيڪڙو پاڪستاني 30 سالن جي عمر کان گهٽ آهن، نوجوانن کي هنر سيکاريو وڃي ته نوجوان اسان جي طاقت بڻجندا، سرڪاري اسپتالن ۾ صحت ۽ صفائي جو ڪو انتظام نه آهي، جمعي تي هتي غربت ختم ڪريو پروگرام جي افتتاح واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غربت ختم ڪرڻ جو پروگرام آڻي رهيا آهيون، ان ۾ هر هڪ وزارت جو ڪو نه ڪو ڪردار هوندو، ڪمزور طبقي کي مٿي اچڻ جو موقعو ڏنو ويندو، 60 سيڪڙو پاڪستاني 30 سالن جي عمر کان گهٽ آهن، نوجوانن کي هنر سيکاريو وڃي ته نوجوان اسان جي طاقت بڻجندا، سرڪاري اسپتالن ۾ صحت ۽ صفائي جو ڪو انتظام نه آهي، هن چيو ته مان 18 سالن جو هيس جڏهن برطانيا ويس، جيڪڏهن مان اتي نه وڃي ها ته مون کي اها خبر ئي نه پوي ها ته فلاحي رياست ڇا کي چيو وڃي ٿو، انسانيت ڇا هوندي آهي، وزيراعظم عمران خان چيو ته واحد ملڪ جيڪو اسلام جي نالي تي ٺهيو هو ۽ ملڪ ۾ مون کي انسانيت نظر نه آهي، عمران خان چيو ته جڏهن مان پنهنجي تاريخ پڙهي ته احساس ٿيو ته هي رياست مديني جون خوبيون هيون جيڪا دنيا جي پهرين فلاحي رياست هئي، اسان کي ڪٿي به اهو نه پڙهايو ويو ته رياست مدينو ماڊل اسٽيٽ هئي، وزيراعظم چيو ته رياست مديني ۾ غريبن جو احساس هو، وسيلا نه هئا پر ڪمزور طبقي جو احساس هو، ڪجهه ماڻهو دين کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪن ٿا، وزيراعظم چيو ته اڳوڻن حڪمرانن علاج لاءِ هڪ سٺي اسپتال نه ٺاهي، اڳوڻا حڪمران رڳو ترقي جي دعويٰ ڪندا هئا، هن چيو ته ترقي تڏهن ٿيندي جڏهن اسان ۾ احساس هوندو، هيٺين طبقي تي ظلم ٿي رهيو آهي، هر هنڌ ناانصافي آهي، خانگي اسپتالن ۾ امير ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ غريب آهن، هن چيو ته اڄ ڳڻتي جوڳا انگ اکر آيا آهن ته پاڪستان ۾ 5 سيڪڙو هيپاٽائيٽس سي جي مرض ۾ وڪوريل آهن جيڪا دنيا ۾ في ماڻهو جي حوالي سان تمام گهڻي آهي، هن چيو ته اسپتالن ۾ استعمال ٿيل سرجن استعمال ڪئي وڃي ٿي ڇو ته غريب ماڻهو جو ڪو هال نه آهي، عمران خان چيو ته غريب طبقو جيل ۾ وڃي ٿو ته کيس ٻاهران علاج ڪرائڻو پوي ٿو، 30 سالن کان اقتدار ۾ رهيا هڪ اهڙي اسپتال نه ٺهرائي جنهن ۾ پنهنجو علاج ڪرائي سگهن، عمران خان چيو ته شهباز شريف چوي ٿو ته ايتري سزا ڏجو جيتري برداشت ڪري سگهو، مان ته موت برداشت ڪري سگهان پر توهان موت برداشت نٿا ڪري سگهو ڇو ته توهان جي دولت ٻاهر پيل آهي توهان ان کي انجواءِ ڪرڻ چاهيو ٿا تنهنڪري توهان کي ڳڻتي آهي ته ڪٿي موت نه اچي وڃي، هن چيو ته آصف زرداري ۽ نواز شريف اقتدار ۾ رهندي دبئي ۽ لنڊن جا 40-40 دورا ڪيا هي سڀ دورا قوم جي پيسن سان ڪيا ويا، انهن قوم کي قرضي ڪري ڇڏيو ۽ قوم جي دولت پاڻ تي خرچ ڪندا رهيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *