سليڪٽڊ وزيراعظم ملڪي معيشت، قدرن ۽ طاقت کي تباهه ڪرڻ چاهي ٿو: پيپلز پارٽي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سليڪٽڊ وزيراعظم ملڪي معيشت، قدرن ۽ طاقت کي تباهه ڪرڻ چاهي ٿو. ڪاري ڏينهن تي هڪ بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آمرن ۽ سندن گڏن معاشري، معيشت ۽ جاگرافي کي شديد نقصان پهچايو آهي، ضياءَ منشيات ۽ غير قانوني هٿيارن جي لعنت سان ملڪ ۾ نفرت، لسانيت ۽ مذهبي نفرت جا ٻج پوکيا،  اهو سڀ ڪجهه تنهن ڪري ڪيو ويو ته جيئن معاشرو پنهنجي جمهوري ۽ معاشي طاقت کان محروم ٿي وڃي.  هن چيو ته پ پ ملڪ ۾ جمهوريت جي مڪمل بحالي تائين سک جو ساهه نه کڻندي، جمهوريت بهترين انتقام جي نالي هيٺ آمريتي عنصر ۽ سندن سليڪٽڊ وزيراعظم خلاف جدوجهد جاري رکي ويندي، سليڪٽڊ وزيراعظم ملڪ جي هر اداري کي پاڻ وانگر سليڪٽڊ بڻائڻ چاهي ٿو، سليڪٽڊ وزيراعظم ملڪي معيشت، قدرن ۽ طاقت کي تباهه ڪرڻ لاءِ بضد آهي.  بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف انتقامي ڪارروايون 5 جولاءِ 1977ع جو تسلسل آهن، آمريتي عنصر ۽ جمهوريت پسندن وچ ۾ اڃا جنگ جاري آهي، ڪجهه به ڪيو آخري فتح پاڪستاني عوام جي هوندي، اسان ملڪ مان غربت، بدحالي ۽ معاشي تباهي آڻيندڙن کي شڪست ڏئي پاڪستان کي بچائينداسين. ٻئي طرف  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڪجهه عنصر ارڙهين ترميم کي ختم ڪرڻ چاهين ٿا.  پنج جولاءِ بابت هڪ بيان ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته پنج جولاءِ تاريخ جو هڪ ڪارو ڏينهن آهي، دنيا جي ڪابه طاقت اسان کي آئين جي حڪمراني ۽ پارليامانيٽ جي بالادستي جي اصول تان هٽائي نه ٿي سگهي، پنج جولاءِ معاشري ۾ بگاڙ پيدا ڪيو، ان ڏينهن جمهوريت تي راتاهو هڻي فرقيوار تعصب، ڪلاشنڪوف ڪلچر ۽ هيروئن جي لعنت کي هٿي ڏني وئي. هن چيو ته عدم برداشت ۽ انتها پسندي کي جنم ڏيندڙ سوچ کي شڪست ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته غير جمهوري عنصرن وٽ رڳو الزام هڻڻ هٿيار هوندو آهي ته جيئن جمهوري سوچ کي دٻايو وڃي. سندس چوڻ هو ته ڪجهه عنصر ارڙهين ترميم کي ختم ڪرڻ چاهين ٿا جنهن سان صوبن کي خودمختياري ملي آهي. آصف علي زرداري چيو ته آئين کان منهن موڙڻ جا خراب نتيجا نڪرندا، جيڪي ملڪ برداشت نه ٿو ڪري سگهي، مضبوط ۽ مستحڪم جمهوريت ۾ ئي ملڪ جي بقا ۽ سلامتي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *