آرمي چيف پاران پنجاب رينجرز هيڊ ڪوارٽر جو دورو، آپريشن جي تيارين تي اطمينان جو اظهار

راولپنڊي (اين اين آءِ) آرمي چيف جنرل راحيل شريف پنجاب رينجرز جي آپريشنل تيارين ۽ ورڪنگ بائونڊري ۽ بين الاقوامي سرحد تي چوڪسي جي سطح تي اطمينان جو اظهار ڪندي وطن لاءِ جان قربان ڪندڙ رينجرز جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو، آءِ ايس پي آر موجب چيف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف پاڪستان رينجرز پنجاب جي هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو، آرمي چيف کي ڊي جي رينجرز ميجر جنرل عمر فاروق پاران فورس جي آپريشنل تيارين بابت بريفنگ ڏني وئي، پنجاب رينجرز جي آفيسرن ۽ جوانن کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل راحيل شريف فوجين جي بلند جذبي، آپريشنل تيارين ۽ ورڪنگ بائونڊري انٽرنيشنل بارڊر سان گڏ فوجين جي چوڪسي کي ساراهيو ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ يادگار شهدا تي گلن جي چادر چاڙهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *