حڪومت خطي جي عوام جي فائدن لاءِ اقتصادي تعاون ذريعي علائقائي مواصلاتي رابطن تي ڌيان ڏيئي رهي آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم محمد نوازشريف چيو آهي ته حڪومت خطي جي عوام جي فائدن لاءِ اقتصادي تعاون جي ذريعي علائقائي مواصلاتي رابطن تي ڌيان ڏيئي رهي آهي آذربائيجان سان ٻطرفو دوستاڻو لاڳاپن کي اقتصادي ڀائيچاري ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي هو جمعي تي آذربائيجان جي سفير علي علي زيدي سان وزيراعظم هائوس ۾ ڳالهائي رهيو هو وزيراعظم چيو ته پاڪستان مختلف شعبن ۾ آذربائيجان سان پنهنجن لاڳاپن کي وڌائڻ جي خواهش رکي ٿو هن چيو ته آذربائيجان سان ٻطرفو دوستاڻن لاڳاپن تي اقتصادي ڀائيواري ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. علي علي زيدي ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا گڏيل ڪوششن سان وڌيڪ بهتر ٿيندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *