ڪراس بارڊر فائرنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان ۽ ڀارت جي ڊي جي مليٽري آپريشن فون تي ڳالهيون ڪيون هيون: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي  (اين اين آءِ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل عاصم سليم باجوا چيو آهي ته ڪراس بارڊر فائرنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان ۽ ڀارت جا ڊي جي مليٽري آپريشن فون تي ڳالهيون ڪيون، ڀارت لائين آف ڪنٽرول تي سيز فائر جي خلاف ورزي ڪري ڇڪتاڻ وڌائي، سرجيڪل اسٽرائيڪ جي ڪوڙي دعويٰ ڪري ان کانپوءِ ان کي ثابت ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، ڀارتي فائرنگ سان 2 پاڪستاني فوج شهيد، 9 فوجي ۽ 8 سولين زخمي ٿيا، ڀارت جو به نقصان ٿيو آهي جنهن کي هو لڪائي رهيو آهي، پاڪستان سمورن پاڙيسري ملڪن سان پرامن پاليسي جي لاڳاپن جي خواهش رکي ٿو. پاڪستان ۽ ڀارت جي فوج ۾ هاٽ لائين سميت سمورا مواصلاتي چينل کلي ويا آهن، پاڪستان سرزمين دهشتگردن جي ڪا به پناهگاهه نه آهي، 2014 ۾ امن ڳالهيون ناڪام ٿيڻ تي طالبان ۽ ٻين هٿياربند گروپن خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو جنهن ۾ هن وقت تائين 35 سئو عسڪريت پسند مارجي ويا، 992 ٺڪاڻا تباهه ڪيا ويا، پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز جا 546 اهلڪار شهيد ٿيا، 22 سئو 85 زخمي ٿيا، فوجي عدالتن مان 170 دهشتگردن کي موت جي سزا ٻڌائي وئي، قانوني مرحلا مڪمل ٿيڻ تي 12 جوابدارن کي ڦاهي ڏني وئي، ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل عاصم سليم باجوا چيني خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته اهو ڀارت ئي آهي جنهن 2003 جي سيز فائر جي خلاف ورزي ڪري ڇڪتاڻ وڌائي، ڀارتي فوج پاران لائين آف ڪنٽرول تي فائرنگ ڪري سيز فائر جي خلاف ورزي ڪئي وئي ۽ ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ هن سرجيڪل اسٽرائيڪ جي ڪوڙي دعويٰ ڪئي، هن چيو ته اسان هر شيءِ جو جائزو ورتو ۽ ڀارتي دعويٰ کي بلڪل غلط ثابت ڪيو، هن چيو ته ڀارت ڪوڙ ڳالهايو نه ته هو پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي قابل ئي نه آهي، هاڻ هو پنهنجي دعوائن کي تبديل ڪري رهيو آهي، هن چيو ته ڀارتي فوج پاران پاڪستاني سائيڊ تي روزانو فائرنگ ڪئي پئي وڃي پر اربع تي سڀ کان وڌيڪ فائرنگ ڪئي وئي ۽ ڀارتي فوج ننڍن هٿيارن ۽ رائيفلن، مشين گنن ۽ مارٽرز سان اٽڪل 25 هزار فائر ڪيا، هن چيو ته لائين آف ڪنٽرول تي سخت فائرنگ ٿي رهي آهي، جيتري وڌيڪ فائرنگ ٿيندي صورتحال ايتري ئي وڌيڪ خراب ٿيندي، فوج جي ترجمان چيو ته ڀارت جو به جاني نقصان ٿيو آهي پر هو لڪائي رهيو آهي، هن چيو ته ان آپريشن دوران سوين شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي، فوجي عدالتن ۾ دهشتگردن خلاف ڪيسن بابت فوج جي ترجمان ٻڌايو ته فوجي عدالتن پاران 166 ڪيس حتمي شڪل ۾ اچي چڪا آهن، 107 دهشتگردن کي موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي، جڏهن ته 12 ڏوهارين کي سمورن قانوني مرحلن جي مڪمل ٿيڻ تي ڦاهي ڏني وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *