آرمي چيف جي ايراني بچاءَ واري وزير سان ملاقات، دهشتگردي دنيا لاءِ خطرو آهي: راحيل شريف

راولپنڊي/ تهران (م.ڊ) پاڪستان جي آرمي چيف جنرل راحيل شريف ايران جي بچاءَ واري وزير حسين دهگان سان ملاقات ڪئي،جنهن دوران خطي جي صورتحال،علائقائي سلامتي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي،جڏهن ته سعودي بچاءَ واري زوير جيان آيران جي بچاءَ واري وزير آرمي چيف ۽ پاڪستاني عوام جا ٿورا مڃيا.پاڪ فوج جي عام رابطن واري شعبي آئي ايس پي آر مطابق ايراني بچاءَ واري وزير سان ملاقات ۾ آرمي چيف جو چوڻ هو ته دهشتگردي دنيا لاءِ خطرو آهي، پاڪستاني عوام پنهنجي ايراني ڀائرن سان گهڻو چاهه رکي ٿو،پاڪستان ايران کي ويجهو پاڙيوارو ملڪ سمجهي ٿو،آئي ايس پي آر مطابق ايراني بچاءَ واري وزير علائقائي سلامتي جي مضبوطي جي ڪوششن تي آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ پاڪستاني عوام جا ٿورا مڃيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *