واپارين سان پراڻو رشتو آهي،هڙتالن تي به حڪومت دانهن ناهي ڪئي: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) وفاقي سڌ سماءَ واري وزير پرويزرشيد چيو آهي ته واپاري برادري سان منهنجو پراڻو رشتو آهي،ان ڪري ڪاروباري ماڻهن جي هڙتالن تي حڪومت  دانهن ناهي ڪئي.سندس چوڻ هو ته ٽيڪس ڏيڻ سان واپارين کي نقصان ناهي ٿيندو پر قوم کي فائدو ٿيندو آهي،ٽيڪس نه ڏيندڙن جي خلاف دنيا ۾ رهڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي.اسلام آباد ۾ هڪ تقريب سان خطاب ڪندي پرويز رشيد چيو ته ٽيڪس نظام واپارين جي سهولت لاءِ آهي ۽ ٽيڪس نيٽ وڌڻ سان پاڪستان کي فائدو ٿيندو.هن چيو ته ڪجهه ذميواريون اسان پوريون ڪري رهيا آهيون،ڪجهه واپارين کي پوريون ڪرڻيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *