سنڌ صوبي ۾ 53 مدرسن پاران شاگردن کي فوجي تربيت ڏيڻ جو انڪشاف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پوري سنڌ ۾ 53 اهڙا مدرسا موجو آهن،جيڪي شاگردن کي فوجي تربيت ڏئي رهيا آهن.وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي اڳواڻي ۾ صوبائي ايپيڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو.اجلاس ۾ سنڌ جو گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد،ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل نويد مختيار،صوبائي گهرو وزير سهيل سيال،ناڻي وارو وزير مراد علي شاهه،آئي جي سنڌ غلام حيدر جمالي ۽ ٻيون اعليٰ اختياريون شامل هيون.اجلاس دوران صوبي ۾ نيشنل ايڪشن پلان تي عمل،ڪراچي آپريشن ۽ ڏوهارين جي خلاف عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ هلندڙ ڪيسن ۾ پراسيڪيوشن جي ڪارڪردگي کي بهتر ڪرڻ لاءِ کنيل قدمن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.ڪميٽي کي وضاحت ڏيندي آئي جي سنڌ ٻڌايو ته هڪ مهيني جي دوران شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائين دوران 9هزار 562 پستول،996 شاٽ گن،391 ڪلاشنڪوف،20 ايل ايم جي ۽ 11 ايس ايم هٿ ڪيا ويا آهن. ان موقعي تي صوبي ۾ مدرسن جي حوالي سان رپورٽ به پيش ڪئي وئي،جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته سنڌ ۾ 6711 مدرسن جي رجسٽريشن پوري ڪئي وئي آهي،جڏهن ته 937 مدرسا اڃان تائين رجسٽريشن ناهن ڪيا ويا ۽ 35 مدرسا شاگردن ي فوجي تربيت ڏيڻ ۾ ملوث آهن.رپورٽن مطابق اعليٰ سياسي ۽ فوجي قيادت پاران صوبي ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن جي خلاف آپريشن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *