آدمشماري تي خدشا آهن، عام چونڊون وقت تي ٿيڻ گهرجن: خورشيد شاهه

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته تڪبندين جي فيصلي تي يو ٽرن ناهي ورتو ايندڙ اليڪشن 1998 جي آدمشماري تي ڪرائڻ ۾ ڪو هرج نه آهي، وقت کان اڳ چونڊن جو حامي نه آهيان، وزيراعظم نااهل شخص کي وزيراعظم سڏي ٿو، نواز شريف ڀڳو ته نااهل ٿي ويندو، سومر تي ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ جي سينيئر اڳواڻ چيو ته اسان جا تحفظات هئا، سنڌ ۾ ڏيکاريل آبادي گهٽ آهي، اسان جي آبادي جي لحاظ کان 10 کان 12 سيٽون وڌڻ گهرجن ها، ايندڙ اليڪشن 1998 جي آدمشماري تي ڪرائڻ ۾ ڪو هرج نه آهي، دعاگو آهيان ته 2018 جي جولاءِ آگسٽ ۾ چونڊون ٿيون، پ پ اڳواڻ چيو ته سال جو سڀ کان وڏو مذاق آهي ته وزيراعظم نااهل شخص کي وزيراعظم سڏي ٿو، هن چيو ته نواز شريف ڀڳو ته تباهه ٿي ويندو، هو ڄاڻي ٿو ته سندس دشمن ڪير آهي، نواز شريف جا ويجها ماڻهو ان خلاف سازش ڪري رهيا آهن، خورشيد شاهه چيو ته سعودي عرب تي اسان جي جان به قربان آهي، سعودي عرب جي تازن واقعن جا اثر سڄي دنيا تي پوندا، هن چيو ته آدمشماري تي سواليا نشان آهي، اليڪشن مقرر وقت تي ٿيڻ گهرجي، هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته شاهد خاقان عباسي وقتي وزيراعظم آهي، اسان پنهنجي پنهنجي ويڙهه ۾ لڳا پيا آهيون غريبن لاءِ به سوچڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *