ڪجهه ماڻهو مايوسي پکيڙي رهيا آهن، سياسي بحران پيدا ٿيو ته محنت لڙهي ويندي: احسن اقبال

پشاور (اين اين آءِ) وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو ته سال 2013 ۾ پاڪستان جو مثال اهڙي جھآز وانگر هيو جنهن جا سمورا حصا ٽٽي ويا هئا بدقسمتي سان جمهوري پاليسي جي تسلسل قائم نه رهڻ ڏنو ويو پاڪستان ۾ توانائي جي بحران تي جلد ڪنٽرول ڪيو ويندو، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سڀ کان گھڻيون  قربانيون ڪي پي ڪي ڏنيون، پشاور ۾ نادرا ميگا سينٽر جي افتتاح کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته پاڪستان ۾ معيشت ۽ سياسي استحڪام کي ناڪام ڪيو ويو، سال 2013 ۾ پاڪستان جو مثال اهڙي جھاز وانگر هيو جنهن جا سمورا حصا ٽٽي ويا هجن. روزانو لاش ڪرندا هئا، پوئين حڪومت م 20، 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي ڪراچي کان گلگت ت ائين اسانجا سمورا ڪارخانا بند ٿي ويا هئا، 1947 کان 2013 تائين اسان صرف 16 هزار ميگا واٽ بجلي پيدا ڪري سگھِياسي، و فاقي وزير جو چوڻ هيو ته اڄ وري پاڪستان کي الله  تعاليٰ ٽيڪ آف جو موقعو ڏنو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *