ڳائڻ جو ننڍپڻ کان ئي شوق هو پر وقت ۽ حالتن سبب ڳائڻ جي تربيت نه وٺي سگهيس: راڌيڪا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ۾ بدلاپور فلم ذريعي نالو ٺاهيندڙ اداڪارا راڌيڪا آپٽي به عاليه ڀٽ ۽ شرڌا ڪپور جي پيرن تي هلندي فلمن ۾ اداڪاري سان ڳائڻ لاءِ ڪلاس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان ڏس ۾ هن هڪ ٽرينر به مقرر ڪيو آهي، اداڪارا موجب کيس ڳائڻ جو ننڍپڻ کان ئي شوق هو پر وقت ۽ حالتن سبب هو ڳائڻ جي تربيت نه وٺي سگهي، هن چيو ته سندس ڏاڏي پڻ هڪ ڳائڻي هئي، جيڪا کيس ننڍپڻ ۾ موسيقي جا ٻه ڪلاڪ ڏيندي هئي. هن چيو ته ممبئي شفٽ ٿيڻ کان پوءِ فلمن جي مصروفيتن سبب ڳائڻ جا ڪلاس جاري نه رکي سگهي هئي. راڌيڪا آپٽي چيو ته کيس چڱي ريت ياد آهي ته جڏهن ننڍپڻ هن جي ڏاڏي موسيقي جو سبق ڏيندي هئي. هن چيو ته ايندڙ فلمن تائين پنهنجو آواز بهتر ڪرڻ چاهيان ٿي، ياد رهي ته سندس ايندڙ فلم ”بمبوريا“ آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *