بالي ووڊ جي خانن شاهه رخ ۽ سلمان خان جي فلمن ”رئيس ۽ سلطان“ جو مقابلو ايندڙ سال عيد تي ٿيندو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي خانن شاهه رخ ۽ سلمان خان جي فلمن ”رئيس ۽ سلطان“ جو مقابلو ايندڙ سال عيد تي ٿيندو، يش راج بينر هيٺ ٺهندڙ فلم ”سلطان“ جي بانيڪار ٽوئيٽ ۾ چيو ته ”سلطان“ جي رليز جو بهتر وقت سال 2016ع جي عيد آهي، مداحن جي وڏي انگ ان ٽوئيٽ کي پسند ڪيو ۽ چيو ته اها ڪا راند ناهي، جو ٻنهي خانن جي فلمن جو ڪو مقابلو ٿيندو، ليکڪ ۽ هدايتڪار علي عباس ظفر جي فلم ”سلطان“ جو پڙاڏو ميڊيا تي ڪجهه هن لاءِ به رهيو ته ان ۾ ليڊ اداڪارا لاءِ پهرين دپيڪا پڊڪون ۽ بعد ۾ ڪنگنا راناوت انڪار ڪيو هو. پر بعد ۾ اهو چيو ويو ته فلم لاءِ ڪيرتي سينن کي آخري ڪاسٽ ڪيو ويو آهي، فلمي پنڊتن موجب اهو پهريون ڀيرو هوندو جو ڪنهن فلم جي شوٽنگ کان پهرين ان جي رليز جي تاريخ ٻڌائي وئي هجي. ٻئي پاسي علي عباس رضوي سان ”گُنڊي“ ۾ گڏ ڪم ڪندڙ اداڪارن رنوير سنگهه ۽ ارجن ڪپور به ”سلطان“بابت نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي چيو ته علي عباس ظفر هڪ بهترين هدايتڪار آهي ان لاءِ دعا آهي ته ”سلطان“ڪامياب ترين فلم هجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *