ٽِي سيريز جي نئين ايندڙ فلم ”صنم ري“ جو پوسٽر جاري

نئين دهلي (شوبز نيوز) ٽِي سيريز جي نئين ايندڙ فلم ”صنم ري“ جو پوسٽر جاري ڪيو ويو آهي، سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي فلمي پنڊت ترن آدرش اداڪارا يامي گوتم ۽ پلڪت سمراٽ جي فلم جو پوسٽ جاري ڪيو. آدرش لکيو ته ٽي سيريز جي ”صنم ري“ جي پوسٽر جون تصويرون، يامي گوتم، اروشي روتيلا، ڪوسل ڪمار ان جي ڊائريڪشن ڪئي آهي. فلم جي پوسٽر ۾ پلڪت سمراٽ ”ماچو مين“ نظر اچي رهيو آهي جڏهن ته يامي گوتم 80ع جي ڏهاڪي دوران ٺهندڙ فلمن وارين هيروئنن جھڙي در جي اوٽ ۾ بيٺل شرمائي رهي آهي. ”صنم ري“ کي دويا ڪوسلا ڪُمار ڊائريڪٽ ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *