اداڪارا راني کي مداحن کان وڇڙندي 22 سال گذري ويا

لاهور(شوبز نيوز): 8 ڊسمبر 1946ع تي لاهور ۾ پيدا ٿيندڙ راني جو اصل نالو ناصره هو، راني جي والده مشهور ڳائڻي مختار بيگم جي نوڪرياڻي هئي، جنهن راني کي فني تربيت لاءِ مختار بيگم جي حوالي ڪري ڇڏيو، 1962ع ۾ هدايتڪار انور ڪمال پاشا ان کي  فلمي نالو راني ڏئي پنهنجي فلم“محبوب” ۾ ڪاسٽ ڪيو، اها فلم ته ڪامياب نه ٿي پر ان کان پوءِ راني جا فلمي دنيا جي لاءِ دروازا کلي ويا، 1967ع ۾ هدايتڪار حسن طارق جي فلم “ديور ڀابي” جي ڪاميابي کان پوءِ راني جي قسمت جا تارا چمڪي پيا، 1970ع ۾ رليز ٿيندڙ فلم“ انجمن” ان کي پاڪستاني فلم  انڊسٽري جي پهرين صف جي اداڪار بڻائي ڇڏيو، راني پنهنجي فلمي ڪيريئر ۾ تقريبن 168 فلمن ۾ ڪم ڪيو، جن ۾ 103 فلمون اردو ۾ ۽ 65 فلمون پنجابي زبان ۾ ڪيون، 1980ع  جي ڏهاڪي ۾ راني پاڪستان ٽيليويزن جي ڪيترن ئي ڊرامن ۾ ڪم ڪيو، جن ۾ ان جي اداڪاري جي تمام گهڻي تعريف ڪئي وئي، اداڪاري جي ميدان ۾ ڪاميابي ماڻيدڙ راني پنهنجي نجي زندگي ۾ وڌيڪ سک حاصل نه ڪري سگهي، ان 3 شاديون ڪيون ۽ ٽئين ناڪام ويون، راني 1993ع ۾ 46 سالن جي ڄمار ۾ ڪينسر جي مرض سان وڙهندي، هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي، پر هو اڄ به پنهنجن مداحن جي دلين م زنده آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *