ڪنگنا راناوت ۽ سندس ڀيڻ رنگولي راناوت جي هدايتڪار راجڪمار هيراڻي سان ملاقات

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ڪنگنا راناوت ۽ سندس ڀيڻ رنگولي راناوت جي هدايتڪار راجڪمار هيراڻي سان ملاقات ڪئي، بالي ووڊ ذريعن موجب ڪنگنا جي راجڪمار هيراڻيءَ سان ملاقات ڪنهن اسڪرپٽ کي پڙهڻ واري معاملي تي ٿي سگهي ٿي، ڇو جو سندس گهران نڪرندي ٻنهي جي هٿن ۾ هڪ فائيل هئو. واضح رهي ته ڪنگنا جي راجڪمار هيراڻي سان ملاقات عامر خان ڪرائي هئي، جڏهن ته اها سمجهه ۾ سولي ڳالهه آهي ته  ڪنگنا کي سنجي دت جي زندگي تي ٺهندڙ فلم لاءِ چيو ويو هو، پر ٻئي پاسي بالي ووڊ ذريعن جو پڻ چوڻ هو ته ملاقات ۾ فقط مالي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *