ايندڙ ڪجھه مهينن تائين ڪو نئون هيئر اسٽائل نه ٺهرائيندس: ڪرينا ڪپور

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارن ۽ اداڪارائن ۾ سنهو، ٿلهو ۽ نوان نوان ڪپڙا پائڻ جو شوق ته سڀني ڏٺو هوندو پر اڄ ڪلهه بالي ووڊ حسينه ڪرينا ڪپور خان کي ڊگھا ۽ سهڻا وار رکڻ جو شوق جاڳي پيو آهي، پاڻ کي فٽ، سلم ۽ سمارٽ رکڻ ته ڪو بالي ووڊ حسينائن کان ڪير سکي. بالي ووڊ اداڪارا ڪرينا ڪپور به ٻين حسينائن کان ڪنهن طريقي گھٽ ناهي، ڪڏهن سنهو ٿيڻ لاءِ جتن ڪندي نظر ايندي ته ڪڏهن نون نون ڪپڙن سان تقريبن ۾ شرڪت ڪندي نظر ايندي آهي، پر اڄ ڪلهه ڪرينا ڪپور پنهنجا وار ڊگھا ۽ سهڻا ڪرڻ جي لاءِ انهن تي اڳ کان گھڻو ڌيان ڏئي رهي آهي. ڪرينا ڪپور چيو ته هوءَ ايندڙ ڪجھه مهينن تائين ڪو نئون هيئر اسٽائل نه ٺهرائيندي پر پنهنجن وارن کي ڊگھو ڪرڻ جي لاءِ مختلف ٽوٽڪا آزمائي رهي آهي. خبر پئي آهي ته هيءُ سڀ ڪم هوءَ پنهنجي نئين ايندڙ فلم جي لاءِ ڪري رهي آهي، جنهن جي شوٽنگ ايندڙ آگسٽ ۾ شروع ٿيڻي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *