“ مين ڪب ڪا جا چڪا هون،صدائين مجهي نه دو” مهدي حسن جي وڇوڙيِ کي 3 سال ٿي ويا

ڪراچي(شوبز نيوز): غزل جي شهنشاهه مهدي حسن جي وڇوڙي کي 3 سال ٿي ويا آهن ۽ اڄ سندس ورسي ملهائي پئي وڃي، حڪومت ۽ قوم راڳ جي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪندڙ عظيم ڳائڻي مهدي حسن کي وساري ڇڏيو آهي، جنهن جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته ڪراچي ۾ سندس قبر جي حالت انتهائي خراب آهي. سنڌ سرڪار ۽ ڪراچي ميٽروپوليٽن سندس يادگار ۽ قبر ٺهرائڻ جو اعلان ڪيوهو، ان سان گڏ ميوزڪ اڪيڊمي ٺاهڻ جو به واعدو ڪيو ويو هو پر اهي اعلان ۽ واعدا اڃا تائين پورا ناهن ٿي سگهيا. مهدي حسن راڳ جي دنيا ۾ پنهنجو منفرد رتبو ٺاهيو، 18 جولاءِ 1927ع تي اک کوليندڙ مهدي حسن 13 جون 2012ع تي غزل کي يتيم ۽ سازن کي سوڳوار ڪري اسان کان وڇڙي ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *