بالي ووڊ اهڙي ڪمزور جاءِ آهي، جتي هر جمعي تي تبديلي ايندي آهي: شرڌا ڪپور

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪارا شرڌا ڪپور چيو آهي ته بالي ووڊ اهڙي ڪمزور جاءِ آهي جتي هر جمعي تي تبديلي ايندي آهي. شرڌا جي فلم اي بي سي ڊي 2 ايندڙ اڱاري يعني 26 جون تي رليز ٿي رهي آهي. هڪ ڀارتي اخبار سان ڳالهائيندي شرڌا ڪپور چيو ته هوءَ پنهنجي شروعاتي فلمن جي ناڪامي بابت سوچي به نه پئي سگهي ۽ سندس ذهن ۾ اها ئي ڳالهه ڊوڙندي هئي ته ساڻس ائين ڇو ٿو ٿئي، پر اهو رڳو ڪجهه دير لاءِ هو، ان کانپوءِ مون پنهجي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر ڪيو ۽ مونکي خوشي آهي ته ان دوران مان گهڻو ڪجهه سکيو ۽ منهنجو خراب دور گذري چڪو آهي. هن چيو ته مان هاڻ سمجهان ٿي ته بالي ووڊ ۾ هر ڪنهن لاءِ هيٺ مٿانهين ٿيندي رهندي آهي، اڄ جيڪڏهن ڪو ڪامياب آهي ته ڪو وري ناڪام به آهي ۽ اڄ جيڪو ناڪام آهي اهو سڀاڻي ڪامياب به ٿي سگهي ٿو، سندس چوڻ هو ته مان جڏهن ڪنهن ناڪامي کي منهن ڏيندي آهيان ته پريشان ٿيڻ بدران پاڻ ۾ همٿ پيدا ڪندي آهيان ۽ ٻيهر ڪاميابي لاءِ جاکوڙيندي آهيان. 26 ورهين جي شرڌا ڪپور جو چوڻ هو ته اڄ بالي ووڊ ۾ گهڻيون ئي عورتون ڪم ڪري رهيون آهن ۽ مان سمجهان ٿي ته هي اداڪارائن لاءِ بهترين دور آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *