دبنگ اسٽار سلمان خان ڪترينه ڪيف سان اشتهار ۾ ڪم ڪرڻ واري آڇ ٿڏي ڇڏي

ممبئي (شوبز نيوز) هڪ وقت به هو جڏهن دبنگ خان ۽ ڪترينا ڪيف جي دوستي ۽ سندن ويجھن لاڳاپن جون خبرون هر زبان تي عام هيون، وري اهڙو واءُ گھليو جو انهن جا هڪ ٻئي سان ويڇا وڌيا، جيڪي ايترو ته وڌي ويا جو ٻئي هڪ ٻئي جي لاءِ اڻڄاڻ بڻجي ويا. ڀارتي ميڊيائي رپورٽرن موجب سلمان خان ۽ ڪترينا ڪيف کي هڪ اشتهار ۾ گڏ ڪم ڪرڻ جي لاءِ 7 ڪروڙ رپين جي آڇ ٿي، جنهن کي دبنگ اسٽار سلمان خان ٿڏي ڇڏيو، جڏهن ته ڪترينا ڪيف ان اشتهار ۾ ڪم ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر سلمان خان سان ڪم جي خواهشمند آهي. واضح رهي ته سلمان خان جي فلم ”بجرنگي بائيجان ۽ سلطان“ ۾ پهريان ڪترينا ڪيف جي ئي چونڊ ڪئي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *