مستقبل ۾ سٺي آڇ ٿي ته بالي ووڊ ۾ ضرور ڪم ڪندس: سڪندر رضوي

ڪراچي (شوبز نيوز) ملڪه ترنم نور جهان جو پوٽو سڪندڙ رضويءَ جو چوڻ آهي ته کيس مستقبل ۾ سٺي آڇ ٿي ته هو به بالي ووڊ ۾ ضرور ڪم ڪندو. برطانوي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويءَ ۾ هن چيو ته هُو سمجھي ٿو ته اداڪاري سندس ڊي اين اي ۾ آهي ڇو ته سندس ڏاڏي ميڊم نورجهان ۽ ڏاڏو شوڪت حسن رضوي کان وٺي سموري خاندان ۾ فنڪاراڻيون خوبيون آهن. سندس ڀيڻ سونيا جهان بالي ووڊ جي 3 فلمن ۾ ڪم ڪري چڪي آهي، هڪ فنڪار گھراڻي سان لاڳاپو هجڻ کي هو خوش نصيبي ٿو سمجھي، هو ڪنهن به قسم جي دٻاءَ جو شڪار ناهي، سڪندر رضويءَ جو چوڻ هو ته سندس فلم ”ديک مگر پيار سي“ هڪ هلڪي ڦلڪي فلم آهي، جيڪا اوهان ٻارڙن سان ويهي ڏسي سگھو ٿا. سندس مقابلي ۾ حمائمه ملڪ مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهي آهي، پاڻ حمائمه به بالي ووڊ ۾ ڪم ڪري چڪي آهي، ان ڪري جيڪڏهن مون کي مستقبل ۾ آڇ ٿي ته ڪم ضرور ڪندس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *