من موهڻي اداڪارا مهوش حيات ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هوءَ به ڪرڙين کان ڊڄندي آهي

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان جي من موهڻي اداڪارا مهوش حيات ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هوءَ به عام ڇوڪرين جيان ڪرڙين کان ڊڄندي آهي. هن پنهنجي فيس بڪ تي هڪ تصوير شيئر ڪئي، جنهن ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته مهوش حيات مبينا طور هڪ مئل ڪرڙيءَ کي پُڇ کان وٺي کنيو بيٺل آهي. تصوير ۾ واضح ڏسي سگھجي ٿو ته مهوش حيات پنهنجون اکيون سختيءَ سان بند ڪيون آهن ۽ سندس چهري تي ”ڪرڀ“ جا آثار ظاهر آهن. مهوش حيات سوشل ميڊيا تي ڪافي متحرڪ آهي ۽ اڪثر پنهنجي مداحن جي دلچسپيءَ جي لاءِ نيون نيون تصويرون ۽ وڊيو شيئر ڪندي رهندي آهي، مهوش پاران اپلوڊ ڪيل هڪ ٻئي وڊيو ۾ هوءَ پنهنجو پسنديده گيت ڳائي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *