هالي ووڊ ۾ ڪم جو تجربو تمام بهترين رهيو: پريانيڪا چوپڙا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا چيو آهي ته آمريڪي ٽي وي اي بي سي جي شو ڪوانٽيڪو جي رڪارڊنگ دوران ايترو ٿڪجي پئي هيس جو سيٽ تي مون کي اها خبر نه پي پئي ته مان جيئري آهيان يا مري وئي آهيان، پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته هڪ ئي وقت 5 کان17 ڪلاڪن تائين مون شوٽنگ ڪئي ۽ ان دوران منهنجي عضون منهنجو ساٿ ڏيڻ به ڇڏي ڏنو هو. ”ميري ڪوم“ اسٽار اها پهرين ڀارتي اداڪارا آهي جيڪا آمريڪا جي سلسليوار ڊرامي جي مرڪزي ڪردار جي لاءِ چونڊي وئي هئي ۽ ان ڊرامي جي شوٽنگ جي شروعات سندس لاءِ تمام دلچسپيءَ واري هئي. پريانڪا چيو ته هالي ووڊ ۾ ڪم جو تجربو تمام بهترين رهيو، اتي رهي انجواءِ سان گڏ نوان نوان دوست پڻ ٺاهيا. ياد رهي ته ڪجھه وقت اڳ ”بجرائو مستاني“ جي سيٽ تي اداڪارا گھڻي ڪم جي دٻاءَ ڪري بيهوش پڻ ٿي وئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *