شاعر احمد فراز جي وڇوڙي کي 7 سال گذري ويا

اسلام آباد (ڪلچرل نيوز) مشهور ترقي پسند شاعر احمد فراز جي وڇوڙي کي 7 سال گذري ويا. سندس ستين ورسي اڄ ملهائي ويندي، ان سلسلي ۾ سڄي ملڪ جي ادبي حلقن پاران سيمينار، تعزيتي ميڙاڪا ۽ ٻين تقريبن جو اهتمام ڪيو ويندو، جنهن ۾ احمد فراز جي ادبي خدمتن کي ڀيٽا پيس ڪئي ويندي. احمد فراز 25 آگسٽ 2008ع تي فوت ٿي ويو هو. احمد فراز 14 جنوري 1931ع تي پشاور ۾ پيدا ٿيو هو، تعليم دوران هن پنهنجون پهريون شعري مجموعو ”تنها تنها“ لکيو هو. احمد فراز جي ڪلام ۾ ”تنها تنها، دردِ آشوب، بي آواز گلي ڪوچون مين، نابينا شهر مين آئينه، نايافت، خواب گل پريشان هين، جانان جانان، غزل بهانه ڪرون“ ۽ ٻيا ذڪر لائق آهن. احمد فراز کي آدم جي ايوارڊ، ستاره امتياز، هلالِ امتياز، اباسين ايوارڊ، نقش ادب ايوارڊن سميت اڻ ڳڻيا ملڪي ۽ غير ملڪي ايوارڊن سان نوازيو ويو، احمد فراز اڳوڻي ڊڪٽيٽر پرويز مشرف جي حڪومتي دور ۾ ڪجھه پاليسين جي مخالفت سبب احتجاجن هلال امتياز واپس ڪري ڇڏيو هو. احمد فراز جي شاعري جي انگريزي، فرانسيسي، پنجابي، جرمني، روسي ۽ ٻين زبانن ۾ به ترجما ڇپجي چڪا آهن. احمد فراز گردن جي مرض جو شڪار هو، هُو علاج لاءِ آمريڪا به ويو هو، جتي هو صحتياب ٿي واپس آيو، ست سال اڳ 25 آگسٽ 2008ع تي اوچتو گردن جي بيماريءَ جي ڪري اسلام آباد جي هڪ اسپتال ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *