ميل گبسن تي آسٽريليا جي شهر سڊني ۾ هڪ عورت فوٽوگرافر کي ڌِڪو ڏيڻ جو الزام

لاس اينجلس (شوبز نيوز) آسڪر ايوارڊ ماڻيندڙ اداڪار ميل گبسن تي آسٽريليا جي شهر سڊني ۾ هڪ عورت فوٽوگرافر کي ڌِڪو ڏيڻ جو الزام لڳو آهي. ڊيلي ٽيليگراف جي فوٽوگرافر ڪرسٽي مِلر آسٽريلوي ميڊيا کي ٻڌايو ته ميل گبسن ۽ سندس گرل فرينڊ جي تصويرون وٺڻ دوران کيس ڌِڪو ڏنو ويو هو ۽ ساڻس بدڪلامي به ڪئي وئي هئي. هن الزام هنيو ته گبسن بحث ۽ تڪرار  ان وقت ختم ڪيو، جڏهن سندس 24 سالا آمريڪي گھوڙي سوار دوست روسالنڊ روس وچ ۾ مداخلت ڪئي. مِلر موجب مون لڳو ته هو منهنجي منهن تي مُڪ هڻڻ وارو آهي. هو مون تي رڙيون ڪري رهيو هو ۽ چهري تي ٿُڪي رهيو هو. ڇنڇر تي جاري ڪيل بيان ۾ پوليس جي هڪ ترجمان جو چوڻ هو ته گذريل رات ڇهه لڳي 20 منٽن ويجھو هڪ شخص آڪسفورڊ اسٽريٽ پيٽنگٽن جي سينيما ٻاهران هڪ عورت فوٽوگرافر سان جھيڙي ۾ ملوث مليو آهي ۽ مٿس الزام آهي هن عورت فوٽوگرافر کي ڌڪا ڏنا آهن. سري هلز موجب پوليس حڪمن موجب واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي ۽ ٻين ماڻهن کان مليل معلومات ذريعي جاچ اڳتي وڌائي پئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *