سلمان خان سان گڏ ڪم ڪرڻ کان اڳ مون کي خوف ٿيندو هو: پريتي زنٽا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا پريٽي زنٽا انڪشاف ڪيو آهي ته سلمان خان سان گڏ ڪم ڪرڻ کان اڳ مون کي خوف ٿيندو هو. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي پنهنجي مداحن جي سوالن جا جواب ڏيندي پريٽي زنٽا جو چوڻ هو ته ”مون کي خبر ناهي ڇو، پر هُو واحد اداڪار هو جنهن سان ڪم ڪرڻ کان اڳ مون کي خوف ورائي ويندو هو، ۽ اهو سلمان خان هو.“ 40 ورهين جي اداڪارا پنهنجي 17 سالا ڪيريئر ۾ دبنگ خان سان 5 فلمن ۾ ڪم ڪري چڪي آهي، سندس چوڻ هو ته سلمان خان فطرتن  شرميلو آهي. هن لکيو ته ”فلم چوري چوري چپڪي چپڪي جا ڊائلاگ ٻڌي سلمان خان شرمائجي ويندو هو، هو حقيقت ۾ ڏاڍو شرميلو آهي.“ هن چيو ته ”چوري چوري چپڪي چپڪي“ ۾ ڪم ڪندڙ پنهنجي ساٿي اداڪارا راني مکرجي کي پنهنجي سڀ کان بهترين ساٿي اداڪارا قرار ڏيندي چيو ته اسان وچ ۾ بهترين ڪيميسٽري آهي. پريتي ۽ رانيءَ ”هر دل جو پيار ڪريگا، وير زارا ۽ ڪڀي خوشي ڪڀي غم“ ۾ گڏ ڪم ڪيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *