سمارٽ فون فلمي تارن کي به پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) سمارٽ فون نه رڳو سڄي دنيا ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي، پر دنيا جي مشهور شخصيتن کي به پنهنجو ديوانو بڻائي ڇڏيو آهي. سمارٽ فون جي مختلف ۽ مزاحيه ايپليڪيشنن ٻارن توڙي ٻڍن ۽ فلمي تارن کي به پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو آهي، جتان هو چاهيندي به نه ٿا نڪري سگھن. تازو ئي نئين آيل ايپليڪيشن ”ڊب سميش“ سڄي دنيا ۾ نالو ڪمايو آهي، هر عمر جي ماڻهن سميت بالي ووڊ جا مشهور ۽ مصروف فلمي تارا به ان جي لاءِ وقت سيڙائي رهيا آهن. هِن وڊيو ۾ ڪو به ڪنهن جي ڊائلاگ تي پنهنجي وڊيو ٺاهي سگھي ٿو. مٿي ڄاڻايل اداڪارن کان سواءِ بالي ووڊ جا ڪيترائي سينيئر اداڪار پڻ ان بخار جي ور چڙهيل آهن. بالي ووڊ ۾ سڀ کان پهريان ”ڊب سميش“ جو شَرو سوناڪشي سنها وڌو، جنهن کان پوءِ عاليه ڀٽ، رنوير سنگھه، سلمان خان، شروتي هاسن ۽ ٻين ڪيترن ئي فنڪارن ان ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻ لڳا، هاڻي ان مزيدار ۽ تفريحي ڪم ۾ بالي ووڊ جا ٻيا به تارا جن ۾ بالي ووڊ جو سينيئر اداڪار شڪتي ڪپور، انيل ڪپور، نواز الدين صديقي، فرحان اختر، شاهه رخ خان، زرين خان ۽ ٻيا ان بخار جي ور چڙهي ويا آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *