اداڪارا ڪرينا ڪپور خان فلم ۾ هڪ بيمار ڇوڪريءَ جو ڪردار ادا ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي سهڻي اداڪارا ڪرينا ڪپور خان فلم ۾ هڪ بيمار ڇوڪريءَ جو ڪردار ادا ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي. ڪافي وقت کان ڪرينا جي ڪا فلم هِٽ نه پئي ٿئي، جنهن جي ڪري به ڪرينا ڪپور بالي ووڊ ۾ ڦوڪي ڦوڪي قدم رکي رهي آهي. بالي ووڊ هدايتڪار راج ڪمار گپتا نئين فلم جي هيروئن کي لاءِ سائڻ ڪرڻ جي خواهش کڻي ڪرينا ڪپور وٽ پهچي ويو، جتي فلم جو اسڪرپٽ پڙهي ڪرينا ڪپور فلم ۾ ذهني مريضه ڇوڪريءَ جو ڪردار ادا ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جنهن تي راج ڪمار گپتا جو چوڻ هو ته ڪرينا پهريان ته فلم ۾ ڪم جي حامي ڀري هئي، پر جڏهن هن اسڪرپٽ پڙهيو ته هن انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف ڪرينا ڪپور خان جو چوڻ هو ته پاڻ کي هڪ ذهني مريضا جي روپ ۾ اچڻ لاءِ تيار نه ٿي سمجھان، جنهن جي ڪري انڪار ڪيو آهي. راج ڪمار ڪرينا جي انڪار کان پوءِ ڪنهن ٻي اداڪارا جي تاڙ ۾ آه

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *