بالي ووڊ اداڪار نواز الدين صديقي جي فلم ”منجھي دي مائونٽين مين“ جو ٽريلر جاري

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار نواز الدين صديقي جي فلم ”منجھي دي مائونٽين مين“ جو ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي، جنهن کي شوقين ڀرپور موٽ ڏئي رهيا آهن. فلم منجھي بهار جي ڳوٺ گهلور جي هڪ مزدور دسرٿ منجھي جي زندگيءَ تي ٺاهي وئي آهي. ان فلم ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته منجھيءَ جي گھر واري هڪ ڊاڪٽر جي بروقت ڳوٺ نه پهچڻ جي ڪري مري ويندي آهي، جنهن کان پوءِ منجهي هٿوڙي سان هڪ جبل ڪٽي ڇڏيو، جيئن ڳوٺ ۾ رهندڙن کي اسپتال وڃڻ ۾ ڏکيائيون پيش نه اچن. منجھيءَ کي اهو ڪم مڪمل ڪرڻ ۾ 22 سال لڳي ويا. ان فلم جي ٽريلر ۾ نواز الدين صديقي جي اداڪاري کي تمام گھڻو پسند ڪيو پيو وڃي. ڪيتن مهتا جي هدايتن ۾ ٺهندڙ هيءَ فلم 21 آگسٽ تي سئنيما گھرن ۾ نمائش جي لاءِ پيش ڪئي ويندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *