سلمان خان پنهنجي بلاڪ بسٽر فلم” ڪڪ“ جي سيڪوئل ۾ ڊبل رول ۾ نظر ايندو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ دبنگ سلمان خان پنهنجي بلاڪ بسٽر فلم” ڪڪ“ جي سيڪوئل ۾ ڊبل رول ۾ نظر ايندو، ڀارتي ميڊيا مطابق سلمان خان پنهنجي هڪ انٽرويو دوران ” ڪڪ“ جي سيڪوئل ۾ ڪم ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي، سندس چوڻ هو ته فلم جي ڪهاڻي تمام گهڻي سٺي آهي، جنهن ۾ هو ڊبل رول ادا ڪندو، فلم جي اسڪرپٽ تي به ڪم شروع ڪيو ويو آهي. فلم جي هدايتڪار ۽ پروڊيوسر ساجد نڊياوالا جو چوڻ هو ته ” ڪڪ“ جي سيڪوئل جواسڪرپٽ ايندڙ ٻن کان ٽن مهينن اندر تيار ٿي ويندو، جڏهن ته فلم لاءِ ٻين اداڪارن جي چونڊ اڃا ناهي ڪئي وئي، واضح رهي ته سلمان خان ان کان پهرين ڪرن ارجن ۽ جڙوان ۾ به ڊبل رول ادا ڪري چڪو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *