هالي ووڊ فلم ” آئرن مين“ جي اسٽار رابرٽ ڊائوني سڀني کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو

نيويارڪ(شوبز نيوز) آمريڪي ميگزين فوربز دنيا جي سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ اداڪارن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن مطابق هالي ووڊ فلم ” آئرن مين“ جي اسٽار رابرٽ ڊائوني سڀني کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. فوربز مطابق 50 ورهين جي رابرٽ ڊائوني جون 2014ع کان جون 2015ع تائين 8 ڪروڙ ڊالر ڪمايا آهن، سندس ڪمائي ۾ وڏو هٿ فلم ” اوينجر ايج آف الٽرون“ جو آهي، جنهن سڄي دنيا ۾ هڪ ارب ڊالرن کان وڌيڪ ڪاروبار ڪيو. ٻئي نمبر تي چيني اداڪار جيڪي چن جو نالو آهي، جنهن 5 ڪروڙ ڊالر ڪمايا، ٽئين نمبرتي ” فاسٽ اينڊ فيورس“ فلمن جو اداڪار ون ڊيزل آهي، جنهن 4 ڪروڙ 70 لک ڊالر ڪمايا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *