ريڊيو پاڪستان پورهيتن جي عالمي ڏينهن تي خاص پروگرام نشر ڪندو

اسلام آباد(شوبز نيوز) ريڊيو پاڪستان پورهتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي مختلف پروگرام نشر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ انمقصد لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. هتي جاري ٿيل پڌرائي مطابق پروگرام ”صبح پاڪستان” ۾ صدر ۽ وزيراعظم جا پيغام صبح جو ست لڳي 10 منٽن تي پيش ٿيندا. پورهيتن، پورهيت اڳواڻن، صنعتي ڪارڪنن جي خاص تاثرن تي ٻڌل پروگرام ”يه هاٿ سلامت هي جب تڪ” به ان پروگرام جو حصو هوندو. 10 لڳي 5 منٽن تي خاص پروگرام ”رابطه” ۾ پورهيتن جي حقن جي تحفظ لاءِ موجوده حڪومت جي قدمن کي اجاگر ڪيو ويندو. پورهيتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ خاص دستاويزي پروگرام ”رنگ بهري هاٿ” قومي نشرياتي رابطي تي شام جو 4 لڳي 5 منٽن تي پيش ڪيو ويندو. پورهيتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي خاص ڊرامو ”اجرت” ميڊيم ويو نيٽ ورڪ تي رات جو 9 لڳي 10 منٽن تي نشر ٿيندو جڏهن ته ان دوران هڪ خاص مشاعرو ايف ايم 93 نيٽ ورڪ تي پيش ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *