عمران هاشمي ۽ شرڌا ڪپور وڏي پردي تي پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريندا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار عمران هاشمي ۽ اداڪارا شرڌا ڪپور جلد ئي گڏ وڏي پردي تي پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريندا. ڀارتي ميڊيا موجب بالي ووڊ جي مشهور هدايتڪار مهيش ڀٽ 23 سال اڳ ٺهندڙ بالي ووڊ جي بلاڪ بسٽر فلم ”سڙڪ“ جو سيڪوئل ٺاهي رهيو آهي، جنهن ۾ مرڪزي ڪردار اداڪار عمران هاشمي ادا ڪندو، جڏهن ته سندس مقابلي ۾ هيروئن جو ڪردار اداڪارا شرڌا ڪپور نڀائيندي. فلم جي عسڪبندي چند مهينن ۾ شروع ڪئي ويندي، جڏهن ته فلم ايندڙ سال رليز ڪئي ويندي. واضح رهي ته 1991ع ۾ رليز ٿيندڙ فلم ”سڙڪ“ ۾ سنجي دت ۽ پوجا ڀٽ مرڪزي ڪردار ادا ڪيا هئا ۽ ان فلم سينيما گھرن تي ڪاميابين جا جھنڊا کوڙيا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *