مزاحيه اداڪار منور ظريف جي 39 هين ورسي ملهائي وئي

لاهور (شوبز نيوز) فلم انڊسٽري جي نامياري مزاحيه اداڪار منور ظريف مرحوم جي 39 هين ورسي اربع تي ملهائي وئي. ان موقعي تي مرحوم جيمداحن قرآن خواني ۽ اجتماعي دعائن جي تقريبن جو اهتمام ڪيو جڏهن ته سندس قبر تي گل به چاڙهيا ويا. منور ظريف 2 فيبروري 1940ع تي گوجرانواله ۾ پيدا ٿيو. هو مشهور ڪاميڊين ظريف جو ڀاءُ هو. هن پنهنجي 16 سالن جي فلمي ڪيريئر ۾ 300 کان وڌيڪ اردو ۽ پنجابي فلمن ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا.منور ظريف زندگي جون 36 بهارون ڏٺيون ۽ 29 اپريل 1976ع تي لاهور ۾ گذاري ويو هو. هو اڄ به پنهنجن چاهيندڙن جي دلين ۾ زنده آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *