ديپيڪا يا سونم ڇو، مان پاڻ نئين ٽهيءَ جي سپر اسٽار آهيان: ڪنگنا راناوت

بمبئي(شوبز نيوز)  بالي ووڊ جي  ناليواري ٻيهر نيشنل فلم ايوارڊ ماڻيندڙ اداڪارا ڪنگنا راناوت هميشه سڌا ۽ بي باڪ بيان ڏيڻ ۾فلم انڊسٽري ۾ مشهور رهي آهي تازو ئي ممبئي ۾ صحافي انوپما چوپڙا جي ڪتاب“فرنٽ رو” ڪنورسيشن آن سينيما” جي  مهورت واري تقريب ۾ به ڪنگنا صحافين سان اهڙيون ئي ڳالهيون ڪيون. ڪنگنا جو چوڻ هو ته جڏهن مان ايتري ڪامياب نه هئس تڏهن ڪو به منهنجو انٽرويو وٺڻ نه ايندو هو ۽ گهڻو ڪري مون کان هڪ ئي سوال ڪيو ويندو هو ته سونم ۽ ديپيڪا مان ڪير ايندڙ ٽهيءَ جي سپر اسٽار بڻجندي، ڪنگنا چيو ته ان جو جواب هوءَ ڪجهه هن ريت ڏيندي هئي ته ،نه ديپيڪا نه سونم، ايندڙ ٽهيءَ جي سپار اسٽار مان پاڻ هوندس. ڪنگنا چيو ته هوءَ ايوارڊ شوز ۾ وڃڻ گهڻو پسند ناهي ڪندي.“مان تمام گهڻي شرميلي آهيان، مون کي ڊپ لڳندو آهي ۽ پگهر وهندا آهن انڪري مان ايوارڊ شوز ۾ نه ويندي آهيان. ڪنگنا اهو به چيو ته ان جو هڪ سبب سندس حساس هجڻ به آهي: مان تمام گهڻي حساس آهيان ۽ تنقيد کي گهڻي گهرائي ۽ سنجيدگي سان وٺندي آهيان ايتري قدر جو هروڀرو تنقيد کان بچڻ لاءِ مان ٽوئٽر جهڙي سوشل نيٽورڪ کان به پري رهندي آهيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *