پاڪستان کي يمن جنگ ۾ شريڪ نه ٿيڻ گهرجي: شيخ رشيد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته پاڪستان  کي هر مشڪل وقت ۾ سعودي عرب جو ساٿ ڏيڻ گهرجي يمن جي صورتحال تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ شيخ رشيد جو چوڻ هو ته پاڪستان کي يمن جي جنگ ۾ شامل نه ٿيڻ گهرجي ڇو ته اها پاڪستان جي پنهنجي جنگ ناهي هن واضح ڪيو ته يمن ۽ سعودي عرب جي جنگ کي آمريڪا ۽ افغانستان جي جنگ نه سمجهيو وڃي ۽ ان معاملي ۾ پاڪستان کي ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي  هن وڌيڪ ٻڌايو ته سعودي عرب جي چوڌاري 5 ملڪ آهن ۽ هر ملڪ ۾ انتشار ۽ جنگ جاري آهي شيخ رشيد احمد جو چوڻ هو ته گڏيل عرب امارات مطابق ٻڌايو ويو آهي ته هلندڙ سال پاڪستانين 4.8 بلين جي ملڪيت ٺاهي آهي پر اسان جو ناڻو ڪمزور آهي ان لاءِ اسان کي ڪشڪول کڻي ڦرڻو پوي ٿو، پاڪستاني ميڊيا جي حوالي سان عوامي مسلم ليگ جي سربراهه جو چوڻ هو ته جيتري طاقتور پاڪستان جي ميڊيا آهي ايترو پوري دنيا ۾ ڪوبه ناهي، ايوان ۾ موجود ميمبرن طرفان سخت تنقيد جي حوالي سان انهن جو چوڻ هو ته هو ڪنهن کان معافي نه گهرندا جيڪڏهن هو ڪنهن کان معافي گهرن ٿا ته اها صرف الله جي ذات آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *