ماضيءَ جي خوبصورت اداڪارا جيابچن67 سالن جي ٿي وئي

ممبئي(شوبز نيوز) جيابچن پنهنجي فلمي ڪيرئير جي شروعات 1963ع ۾ بنگالي فلم کان ڪئي، بالي ووڊ ۾ جيا بچن جي پهرين فلم هيروئن جي رول ۾“گُڏي” هئي.جيابچن اڄ پنهنجي 67هون جنم ڏينهن ملهائي رهي آهي. فلم بنسي برجو ۽ زنجير ۾ اميتا بچن سان گڏ ڪم ڪرڻ کانپوءِ هن جوڙي شادي ڪري ڇڏي. اڀيمان،چپڪي چپڪي،شعلي، ۽ سلسلا جيابچن جون ڪامياب فلمون آهن. فلم ڪل هو نا هو ۽ ڪبهي خوشي ڪبهي غم ۾ جيابچن جو الڳ ڪردار به کيس چاهيندڙن کي گهڻو وڻيو. ڪامياب اداڪارا زال ۽ سياستدان جيابچن کي لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ۽ ڀارت جي سولين ايوارڊ پدما شري سان پڻ نوازيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *