پراڻن ساٿي اداڪارن جي ٻارن سان گڏ ڪم ڪرڻ ۾ مزو اچي رهيو آهي : رشي ڪپور

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪار رشي ڪپور چيو آهي ته کيس فلمن ۾ پراڻن اداڪارن جي ٻارن سان ڪم ڪرڻ ۾ مزو اچي رهيو آهي. ڀارتي ميڊيا مطابق ڊائريڪٽر اميش شڪلا جي فلم “ آل از ويل” ۾ اداڪارا سوناڪشي سنها ۽ اڀيشيڪ بچن پهريون ڀيرو گڏ ڪم ڪندي نظر ايندا، جنهن ۾ رشي ڪپور به اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندو. رشي ڪپور جو چوڻ آهي ته هن امتاڀ  بچن ۽ شتروگهن سنها سان فلم “ نصيب” ۾ گڏ ڪم ڪيو هو ۽ هاڻ هو سندن ٻارن سان “ آل از ويل” ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته کيس پراڻن اسٽارز جي ٻارن سان گڏ ڪم ڪرڻ سٺو لڳي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *