بهترين فلم ٺاهڻ تي هدايتڪار نيراج گهيوان کي سلام پيش ڪيان ٿي: تسليمان نسرين

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ فلم مسان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ مڃتا ماڻڻ بعد بنگلاديشي ليکڪا تسليما نسرين کي به لاجواب ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ بنگلاديشي ليکڪا ٽوئيٽر  تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته کيس بالي ووڊ فلمن مان گهڻي اميد ان ڪري به نه هوندي آهي جو اهي فقط ميوزڪ ميلو تائين محدود هونديون آهن، هن چيو ته بهترين فلم ٺاهڻ تي هدايتڪار نيراج گهيوان کي سلام پيش ڪيان ٿي، جنهن جي جواب ۾ نيراج به سندس جا ٿورا مڃيا، ان کان اڳ 68هين ڪانز فلم فيسٽول ۾ به مسان ٻه ايوارڊ ماڻيا هئا ۽ کيس فلم جي عالمي تنظيم انٽرنيشنل فيڊريشن آف فلم پاران به ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي، ياد رهي ته چئن مخصوص زندگين ۽ ننڍي طبقي جي ذات سان ڏاڍائين جو ذڪر ڪيل فلم مسان شاندر ڪاميابي ماڻي  آهي، فلم 24 جولاءِ تي سينما گهرن جي ذينت بڻي هئي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *