سلمان خلاف ڳالهائيندڙن کي اهميت ئي ان ڪري ملي جو سلمان هڪ فلمي شخصيت آهي: سليم خان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي دبنگ خان سلمان خان جي والد سليم خان چيو آهي ته سندس پٽ کي هڪ فلمي شخصيت هئڻ ڪري نشانو بڻايو پيو وڃي، سلمان جي ”ممبئي حملن جي جوابدار يعقوب ميمڻ“ جي حمايت وارن بيانن کي ٻاراڻو ۽ بي معني قرار ڏيندي نامياري ليکڪ چيو ته سلمان خلاف ڳالهائيندڙن کي اهميت ئي ان ڪري ملي جو سلمان هڪ فلمي شخصيت آهي، سليم خان چيو ته يعقوب ميمڻ کي ڦاهي نه ڏيڻ واري گُهر فقط سلمان جي نه هئي پر ان تي ٻين به گهڻو ڪجهه ڳالهايو هو. هن چيو ته سلمان خان جي ڪيل ٽوئيٽ جي سڀ کان پهرين مان مخالفت ڪئي  پر نصير الدين شاهه ۽ شتروگن سنها به ساڳيو موقف ورتو پر انهن تي ڪنهن ڪن نه ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *